پرپورل سائڪوس

پرپورل سائڪوس (Puerperal Psychosis): هي بيماري چريائپ جهڙي ٿيندي آهي، جيڪا عورتن کي ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ڪجهه هفتن اندر ٿيندي آهي. هن بيماريءَ ۾ ڪا عورت ٻار کي پنهنجو ڪرڻ کان به انڪار ڪري سگهي ٿي، ”هي ٻار منهنجو نه آهي، الائي ڪير آهي، جن جو آهي خراب آهي، بدشڪل آهي“ کيس کير نه پياريندي، کيس مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ڪڏهن گهٽو ڏئي يا ڪنهن ٻئي طريقي سان ماري ختم ڪري سگهي ٿي. ٻيا به ڪيترن قسمن جا شڪ شبها ٿي سگهن ٿا. مثلاً: آئون خراب آهيان، مون کي غيبي آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جنات ۽ فرشتن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا يا ماڻهو منهنجي خلاف آهن، دشمن ٿي پيا آهن، مون کي ۽ منهنجي ٻار کي ماري ۽ ختم ڪرڻ چاهين ٿا. هن بيماري دوران عورت پنهنجي صفائي، لٽي ڪپڙي کان لاپرواهه ٿي سگهي ٿي، مطلب ته چريائپ جهڙي ڪا به حالت ٿي سگهي ٿي. عورت کي هڪ دفعو هي بيماري ٿيڻ کان پوءِ وري ان جي حملي ٿيڻ جا امڪان رهن ٿا. اهڙِي بيماريءَ جو باقائده علاج نفسيات جي ڊاڪٽر کان ڪرائڻ ئي بهتر هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو